پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿي ويو آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو ٿي ويو آهي،  سندس چوڻ آهي ته ڀارت جي ڳالهين واري عمل کان پوئتي هٽڻ تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪ ۾ جاري تڪرار رڳو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دوحا مان امريڪا روانو ٿيو، تهمينه جنجوعه به پرڏيهي وزير سان گڏ آهي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب دوران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ وارو معاملو اٿاريندو.

دوحا ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي ڳالهين کان پوئتي هٽڻ تي افسوس ٿيو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تڪرارن جو حل رڳو ڳالهين ذريعي ممڪن آهي.

هن چيو ته پاڪ-ڀارت تڪرارن جي حل سان سموري خطي کي فائدو ٿيندو، جنرل اسيمبلي ۾ ڀرپور انداز ۾ موقف پيش ڪيو ويندو.

سائيڊ لائين ملاقاتن ۾ به پاڪستان جو اثرائتو موقف ڪيو ويندو، مائيڪ پومپيو سان ملاقات ٻطرفن لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ثابت ٿيندي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*