ايران ۾ فوجي پريڊ تي حملي دوران 10 فوجي  مارجي ويا 21 زخمي ٿي پيا آهن

ايران ۾ فوجي پريڊ تي حملي دوران 10 فوجي  مارجي ويا 21 زخمي ٿي پيا آهن، فورسز پاران جوابي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ 2 حملي آور به مارجي ويا، فورسز 2  ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پاڪستان پاران حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي.

   ڏاکڻين  شهر اهواز ۾ فوجي ورديون پهريل اڻ ڄاتل هٿياربندن فوجي پريڊ دوران فائرنگ ڪئي.

 پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾10 فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته 21 زخمي ٿي پيا آهن.

 امدادي ڪارڪنن زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ لاشن جي سڃاڻپ وارو عمل به جاري آهي.

 ٻئي طرف فورسز پاران بروقت ڪارروائيءَ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 2 حملي آور مارجي ويا آهن، جڏهن ته 2  کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

   پاڪستان  ايران ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي.

 پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هر قسم جي دهشتگرديءَ جي خلاف آهي، هو متاثر ڪٽنبن سان ڏک ۾ شريڪ آهن ۽ ساڻن ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*