چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻي جا ذخير گهٽجڻ سبب ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي، پاڪستان جا دشمن سازشن ۾ رڌل آهن

چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پاڻي جا ذخير گهٽجڻ سبب ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي، پاڪستان جا دشمن سازشن ۾ رڌل آهن، ملڪ ۾ پاڪستانيت کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

چيف جسٽس چترال پهچي ڊسٽرڪٽ بار جو دورو ڪيو، جنهن دوران وڪيلن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار  چيو ته ملڪ جو هر ٻار هڪ  لک 17 هزار رپين جو قرضي آهي، والدين ٻارن لاءِ ملڪيتون ڇڏي ويندا آهن ۽ اسان کين قرضي ڪري رهيا آهيون.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته قرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ قدم کڻڻا پوندا، حڪمران عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻن.

جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته پاڪستان جا دشمن سازشن ۾ مصروف آهن، ملڪ ۾ پاڪستانيت کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ پاڻي جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، تنهنڪري ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي.

چيف جسٽس چترال جي ڊسٽرڪٽ اسپتال جو به دورو ڪري مريضن سان عيادت ڪئي ۽ سندن مسئلا معلوم ڪيا، چيف جسٽس اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪري چئن هفتن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*