وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته کيس خبر ناهي ته نوازشريف سان ڊيل ٿي آهي يا نه، ڊيل بابت شهباز شريف بهتر ٻڌائي سگهي ٿو

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته کيس خبر ناهي ته نوازشريف سان ڊيل ٿي آهي يا نه، ڊيل بابت شهباز شريف بهتر ٻڌائي سگهي ٿو، شيخ رشيد ريلوي ۾ 10 هزار ڀرتين لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن اماڻيندي 3 نيون ٽرينون به شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

لاهور  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته ن ليگ حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، عمران خان چاهي ٿو پاڪستان مديني جهڙي رياست بڻجَي.

هن چيو ته  ريلوي ۾ 10هزار نوڪرين جي سخت ضرورت آهي، جنهن لاءِ وزيراعظم ڏانهن سمري اماڻي وئي آهي.

شيخ رشيد چيو ته ريلوي ۾ هن وقت ايمرجنسي واري صورتحال آهي، رِيزروَيشن آفيسون رات 12 وڳي تائين کليل رهنديون.

وفاقي وزير شيخ رشيد 3 نيون ريل گاڏيون هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته موهن جو دڙو ايڪسپريس 16 آڪٽوبر کان هلائي ويندي، جيڪا لاڙڪاڻي کان سيوهڻ ۽ ڄامشورو تائين هلندي، ٽرينن ۾ جلد واءِ فاءِ سهولت فراهم ڪئي ويندي.

نوازشريف سان ڊيل جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته کيس خبر ناهي ته نوازشريف سان ڪا ڊيل ٿي آهي يا نه، ڊيل بابت شهبازشريف ئي ٻڌائي سگهي ٿو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*