ملير جي عبدالله ڳوٺ مان  نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي

   ملير جي عبدالله ڳوٺ مان  نينگري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، شاهه لطيف پوليس 7 سالن جي نينگري مهوش کي بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي شيراز نذير جو چوڻ آهي ته  جوابدار خالد محبوب خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته جوابدار عبدالله ڳوٺ مان نينگري مهوش کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيو هو ته پوليس ڪارروائي ڪري کيس بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*