وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران پرڏيهي وزيرن جي ملاقات رد ڪرڻ کي ناڪاري ۽ مايوس ڪندڙ جواب قرار ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان ڀارت پاران پرڏيهي وزيرن جي ملاقات رد ڪرڻ کي ناڪاري ۽ مايوس ڪندڙ جواب قرار ڏئي ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ننڍن ماڻهن کي وڏن عهدن تي قابض ٿيندي ڏٺو آهي.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ چيو ته هُن ڀارت کي امن ڳالهين جي دعوت ڏني هئي، پر ڀارت پاران پرڏيهي وزيرن جي طئَي ڪيل ملاقات رد ڪرڻ تي کيس مايوسي ٿي آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته هُن اهڙا ننڍا ماڻهو به ڏٺا آهن، جيڪي وڏن عهدن تي تي هوندا آهن پر اُهي اهم معاملن کي وسيع مفادن ۾ نه ڏسندا آهن.

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان ڀارتي هم منصب نريندر مودي کي خط لکِي ڳالهيون بحالي ڪرڻ جي آڇ ڪئي، جنهن بعد ڀارت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پرڏيهي وزيرن شاهه محمود قريشي ۽ سشما سوراج وچ ۾ ملاقات جي حامي ڀري هئي، پر بعد ۾ ڀارت طرفان ملاقات رَد ڪئي وئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*