ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي سپر فور مرحلي جي هڪ ٻي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد بنگلاديش جي ٽيم کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي

ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي سپر فور مرحلي جي هڪ ٻي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد بنگلاديش جي ٽيم کي ست وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

دبئي ۾ کيڏي ويل سپر فور جي ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

بنگلاديش جي ٽيم 49ڏهائي 1 اوورس ۾ 173رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

بنگلاديش جي ٽيم پاران مهدي حسن 42،مشرفي مرتضيٰ 26۽محمود الله 25رنز جي اننگ کيڏي.

ڀارتي ٽيم پاران رويندره جديجه 29رنز ڏئي چار،جڏهن ته ڀونيشور ڪمار۽ بمراه 3-3وڪيٽون حاصل ڪيون.

ڀارتي ٽيم بنگلاديش جي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 174رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 36ڏهائي 2 اوورس ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽيم جي ڪاميابي م ڪپتان روهت شرما 83رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو،جڏهن ته شيکرڌون 40۽ايم ايس ڌوني 33رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*