ايشياڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي سپرفور مرحلي ۾ پاڪستان جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد افغانستان جي ٽيم کي ميچ جي آخري اوور جي ٽيئن بال تي شڪست ڏئي ڇڏي

ايشياڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي سپرفور مرحلي ۾ پاڪستان جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد افغانستان جي ٽيم کي ميچ جي آخري اوور جي ٽيئن بال تي شڪست ڏئي ڇڏي.

ابوظهبي ۾ کيڏي ويل ايونٽ جي ميچ ۾ افغانستان جي ٽِيم جي ڪپتان اصغر افغان ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

افغانستان جي ٽيم مقرره 52 اوورس ۾ 6وڪيٽن جي نقصان تي 257رنز اسڪور ڪيون.

افغانستان جي ٽيم پاران هشمت الله شاندار بيٽنگ جومظاهرو ڪندي 97رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو،جڌهن ته ڪپتان اصغر افغان 67۽رحمت شاهه 36رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا.

پاڪستان جي ٽيم پاران محمد نواز 57رنز عيوض 3،شاهين شاهه آفريدي 38رنز عيوض ٻه ۽حسن علي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم جي اننگ شروع نه ٿي ۽ فخرزمان بغير رنز اسڪور ڪرڻ جي آئوٽ ٿيو،جنهن بعد بابر اعظم ۽ امام الحق اسڪور ڪري کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

امام الحق 104بالن تي 80۽بابر اعظم 94بالن تي 66رنز اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا.

ميچ جي آخري اوور ۾ قومي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 10رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻو هو.

پهرين بال تي شعيب ملڪ ڪور ڊرائيورڪئي،ڪابه رنز اسڪور نه ٿي،جنهن بعد ٻئي بال تي هن ڇڪوهنيو ۽ وري چونڪو هڻي ميچ ۾ قومي ٽيم کي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

شعيب ملڪ 43بالن تي ٽن چونڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 51رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽کيس مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

واضح رهي ايشياڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٻي ميچ ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ ڀارتي ٽيمون هڪ ٻئي جي سامهون ٿينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*