پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جوچوڻ آهي ته افغانستان جي ٽيم ميچ ۾ بهتري ڪارڪردگي جومظآهرو ڪيو
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جوچوڻ آهي ته افغانستان جي ٽيم ميچ ۾ بهتري ڪارڪردگي جومظآهرو ڪيو.
ميچ بعد ميڊياسان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان چيو ته ميچ ۾ فيلڊنگ جو معيار بهتر نه هو، ڪيتريون ڪيچز ڊراپ ٿيون.
هن چيو ته بيٽنگ ۾ فخرزمان جو جلدي آئوٽ ٿيڻ سان ٽيم تي دٻاءِ پيو،جنهن امام الحق ۽ بابر اعظم ٽيم جي پوزيشن مصبوط ڪئي.
هن چيو ته سپر فورجي پهرين ميچ ۾ شعيب ملڪ اهم ڪردار ادا ڪيو،جنهن 51رنز جي اننگ کيڏي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ ميچ ۾ غلطي جي گنجائش نه آهي ۽ سڀني رانديگرن کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي جومظآهرو ڪرڻو پوندو.