پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري آلرائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته افغانستان جي ٽيم خلاف ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ نالي واري آلرائونڊر شعيب ملڪ چيو آهي ته افغانستان جي ٽيم خلاف ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي.

افغانستان جي ٽيم خلاف ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ چيو ته ميچ ۾ افغانستان جي ٽيم سٺي پرفارمنس جومظاهرو ڪيو.

هن چيو ته ميچ جي آخري اوور ۾ 10رنز جو حدف حاصل ڪرڻ آسان نه هو ۽ اوور جي ٻئي بال تي ڇڪي لڳائڻ بعد ميچ ۾ واپسي جي اميد پيدا ٿي،جنهن بعد ٻئي بال تي چونڪو هڻي ميچ ۾ فتح ملي.

شعيب ملڪ وڌيڪ چيوته ميگا ايونٽ جي سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد ڪاميابي ملي آهي،جنهن بعد ڀارتي ٽيم خلاف اهم ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ سمورن رانديگرن کي ٽنهي شعبن ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي،جنهن بعد ٽيم کي فتح ملندي.

واضح رهي ته افغانستان جي ٽيم خلاف اهم ميچ ۾ شعيب ملڪ 43بالن تي ٽن چونڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 51رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*