اوٻاوڙي ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پياآهن

اوٻاوڙي ويجهو ٻن موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پياآهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

قومي شاهراهه تي چانڊيا پيٽرول پمپ سامهون ٻن موٽر سائيڪلز ۾آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ قادر بخش رند۽  ڳوٺ قطال چاچڙ واسي ٻن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

 زخمين ۾ وزير احمد رند، بشير احمد ، شير محمد رند،شوڪت چاچڙ،مسمات زبيده ۽ مسمات جنت چاچڙ شامل آهن.

زخمين کي اوٻاوڙي جي تعلقي اسپتال پهچايو ويو، جتان شوڪت چاچڙ کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*