قمبر ۽ ڏهرڪي ۾ سيپڪو عملدارن ڪارروائي ڪندي سوين ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا

قمبر ۽ ڏهرڪي ۾ سيپڪو عملدارن ڪارروائي ڪندي سوين ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، ان دوران 35 ڄڻن خلاف بجلي چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

 قمبر جي مختلف محلن ۾ سيپڪو پاران ايڪسيئن جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪندي 500 کان وڌيڪ ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا.

سيپڪو ملازمن ڪاٽيل هزارين ميٽر بجلي جي تارن کي پريس ڪلب آڏو رکي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

ايڪسيئن عبدالوحيد راڄپر جو چوڻ هو بجلي چورن خلاف هڪ هفتي تائين ڪارروائي ڪئي ويندي، غير قانوني بجلي استعمال ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا.

 ڏهرڪي ۾ سيپڪو عملدارن بجلي جا رهيل بل ادا نه ڪرڻ تي سوين گهرن ۽ دڪانن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا، جڏهن ته 35 ڄڻن تي بجلي چوري ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*