لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف بغاوت بابت درخواست تي سرل الميڊا جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف بغاوت بابت درخواست تي سرل الميڊا جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت نوازشريف کي 8 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، شاهد خاقان عباسي خلاف بغاوت جي ڪارروائي هلائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت سرل الميڊا جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته سرل اليمڊا جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

عدالت ڊي آءِ جي آپريشن کي سرل الميڊا جي پيشي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

ان موقعي تي نوازشريف جي وڪيل چيو ته نوازشريف ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي ويندو، جڏهن ته شاهد خاقان عباسي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شاهد خاقان عباسي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿي سگهندو.

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  کي 8 آڪٽوبر تي ذاتي حيثيت سان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*