سپريم ڪورٽ اين آر او عملدرآمد ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نظرثاني درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اين آر او عملدرآمد ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي نظرثاني درخواست سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.

سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کان اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا هئا.

اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او عملدرآمد ڪيس ۾ عبوري حڪم کي چيلنج ڪيو هو.

آصف علي زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته انڪم ٽيڪس قانون جي شق 121 موجب پنج سالن تائين تفصيل طلب ڪري سگهجن ٿا.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سندس گهرواري شهيد بينظير ڀٽو  جي اثاثن جا تفصيل گهرڻ شهيد جي قبر جو ٽرائل ڪرڻ برابر آهي.

اڳوڻي صدر چيو ته ڇا ٻارڙن کان به اثاثن جا تفصيل طلب ڪري سگهجن ٿا؟

عدالت درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*