پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مڪاني نظام صوبائي معاملو آهي

پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مڪاني نظام صوبائي معاملو آهي، وفاق پنهنجي مرضي جو نظام نه ٿو آڻي سگهي، وفاق رڳو پنجاب يا خيبرپختونخواهه بابت فيصلو ڪري سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ڇا عمران خان رڳو غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ اقتدار ۾ آيو آهي؟

هن چيو ته عمران خان وڏا وڏا خواب ڏکاريا ته کير جون نديون واهي ڇڏينداسين.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته عمران خان ڌاڙيلن کي پيسا واپس آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

خورشيد شاهه چيو ته مني بجيٽ مان لڳي ٿو ته عمران خان رڳو غريبن تي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ آيو آهي.

خورشيد شاهه چيو ته مڪاني نظام صوبائي معاملو آهي، وفاق پنهنجي مرضي جو نظام نه ٿو آڻي سگهي.

پيپلزپاٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته وفاق رڳو پنجاب يا خيبرپختونخواهه بابت فيصلو ڪري سگهي ٿو.

خورشيد شاهه چيو ته عوام کي هاڻي پيپلزپاٽي جو دور ياد ايندو، پيپلزپارٽي ڪڏهن به غريب عوام جي استعمال واريون شيون مهانگيون نه ڪيون هيون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*