ارسا ڊيمن ۾ پاڻي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي جو استعمال جوڳو ذخيرو 68 لک 46 هزار ايڪڙ فٽ آهي

ارسا ڊيمن ۾ پاڻي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته ڊيمن ۾ پاڻي جو استعمال جوڳو ذخيرو 68 لک 46 هزار ايڪڙ فٽ آهي. درياهن ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 74 هزار 8 سئو ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 2 لک 64 هزار 2 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ارسا پنهنجي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته تربيلا ڊيم ۾ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 40 لک 99 هزار ايڪڙ فٽ آهي، جڏهن ته منگلا ڊيم ۾ 26 لک 34 هزار ايڪڙ فٽ آهي.

ارسا موجب، چشما ڍنڍ ۾ پاڻي جو ذخيرو هڪ لک 13 هزار ايڪڙ فٽ آهي. اهڙِ ريت ڊيمن ۾ پاڻي جو ذخيرو 68 لک 46 هزار فٽ آهي.

ارسا چيو آهي ته  درياهن ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 74 هزار 8 سئو ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته مجموعي طور پاڻي جو ڇوڙ 2 لک 64 هزار 2 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*