سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي ڪاررواين خلاف انور مجيد جي درخواست تي ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي نوٽيسز جاري ڪندي جاچ آفيسر کي 16 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي ڪاررواين خلاف انور مجيد جي درخواست تي ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن کي نوٽيسز جاري ڪندي جاچ آفيسر کي 16 آڪٽوبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت ۾ مني لانڊرنگ جي الزام هيٺ گرفتار انور مجيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

 انور مجيد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي کي حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي،ايف آءِ اي پاران داخل ڪيل ڪيسز جا تفصيل ڏنا وڃن.

انور مجيد درخواست ۾ چيو ته منهنجي خلاف هلندڙ انڪوائريز جا تفصيل ڏنا وڃن، ايف آءِ اي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*