ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته اسان جي سرڪار پاران ڳالهيون نه ڪرڻ وارو فيصلو درست آهي

ڀارتي آرمي چيف بپن راوت چيو آهي ته اسان جي سرڪار پاران ڳالهيون نه ڪرڻ وارو فيصلو درست آهي، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا، جيڪڏهن پاڪستان به خطي ۾ امن کي هٿي ڏيارڻ چاهي ٿو ته پوءِ اسان جيان قدم کڻي، جيستائين پاڪستان دهشتگردن خلاف قدم نه کڻندو، تيستائين امن قائم نه ٿيندو، پاڪستان خلاف هڪ ٻئي سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ضرورت آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ ڀارتي ارمي چيف چيو آهي ته دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي، دهشتگردن خلاف سرجيڪل اسٽرائيڪل انٽر آهي.

هن چيو ته جيستائين پاڪستان قدم نه ٿو کڻي تيستائين سرحد تي امن نه ٿو ٿي سگهي، هڪ ٻئي سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ضرورت آهي پر ان جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهجن.

ڀارتي آرمي چيف چيو ته پاڪستان معمول وارا لاڳاپا چاهي ٿو ته ڀارت قدم کڻي. ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ نه ٿي هلي سگهي، ڀارتي حڪومت جو پاڪستان سان ڳالهيون نه ڪرڻ وارو فيصلو درست آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*