نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان جا ملازم پرامن رهي احتجاج ڪن

نواز ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان جا ملازم پرامن رهي احتجاج ڪن، جيڪي ماڻهو پاڪستان ٽيلي وزن تي حملو ڪندا آهن، انهن کي ادارن جي ڪهڙي خبر هوندي.

اسلام آباد ۾ ريڊيو پاڪستان جي عمارت ليز تي ڏيڻ خلاف ملازمن جي احتجاج بابت ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان ٽيلي وزن تي حملو ڪندا آهن، انهن کي ادارن جي ڪهڙي خبر هوندي.

هن چيو ته ريڊيو پاڪستان هڪ قومي ادارو آهي، حڪومت کي هڪ پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته ايئن نه ٿيندو.

نواز ليگ اڳوان چيو ته جيڪڏهن سڌارا آڻڻا آهن ته اسان حڪومت جو ساٿ ڏينداسين.

مريم اورنگزيب چيو ته اهڙي عمل جنهن سان اسٽاف کي نقصان ٿئي، اسان ساٿ نه ڏينداسين، احتجاج ڪندڙ ملازم پرامن رهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*