اڳوڻي صدر آصف زرداري پاڪستان ۽ ڀارت جي خراب لاڳاپن جو ذميوار تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي حڪومت ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن

اڳوڻي صدر آصف زرداري پاڪستان ۽ ڀارت جي خراب لاڳاپن جو ذميوار تحريڪ انصاف جي حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙي حڪومت ۾ اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن.

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيشي دروان صحافين آصف زرداري کان پاڪ –ڀارت لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي سوال ڪيا.

هڪ صحافي اڳوڻي صدر آصف زرداري کان سوال ڪيو ته، پاڪ ڀارت لاڳاپا خراب ٿي ويا آهن، ان حوالي سان اوهان ڇا چوندو؟

آصف زرداري صحافي جي سوال جو جواب ڏنو ته اهڙين حڪومتن ۾ اهڙي قسم جون حالتون پيدا ٿي وينديون آهن.

اڳوڻي صدر آصف زرداري پي ٽي آءِ حڪومت جي مني بجيٽ کي مني ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*