ايس ٽي پي پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ واري بيان خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

ايس ٽي پي پاران ڪالاباغ ڊيم ۽ پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ واري بيان خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سکر ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن  وحيد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ بک هڙتال ڪئي.

 نواب شاهه ۾ ڪارڪنن ڊاڪٽرعبدالحميد ميمڻ، نثار ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي.

ٺٽو ۾ ڪارڪنن شبير مگسي، ناٿو بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مک رڪشا اسٽينڊ تي ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال ڪئي.

 سجاول ۾عبدالغني ملاح، واحد خاصخيلي، گل حسن رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پبلڪ پارڪ آڏو بک احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

نوشهرو فيروز ۾ ڪارڪنن جميل جوڻيجو، اقبال راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي.

ميرپورماٿيلو ۾ ڪارڪنن پاران خالد لاکو، علي گوهر گبول ۽ معشوق سميجو جي اڳواڻي ۾ ڀٽائي چوڪ تي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  تڪراري ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ تعمير ڪرڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته  ملڪ جي 3 صوبائي اسيمبيلين به ڊيم خلاف ٺهراءَ پاس ڪيو آهي.

 هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته افغان پناهگيرن توڙي بنگالين، بهارين سُوڌو ٻين غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ وارو عمل ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ويندو.

هنن چيو ته غير ملڪين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ سان  امن امان جو مسئلو   ٿيندو ۽ مقامي رهواسين جي حقن جو متاثر ٿيڻ به يقيني آهي.

 هنن چتاءَ ڏنو ته تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي تعيمر ۽ غيرقانوني ترسيل پرڏيهين کي شهريت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*