سپريم ڪورٽ اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران چڪ شهزاد ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو فارم هائوس کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اين آر او عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي دوران چڪ شهزاد ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو فارم هائوس کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن پرويز مشرف جي اچڻ ۽ وڃڻ تي پابندي نه لڳائي وئي ته هو واپس اچي سگهي ٿو.

سپريم ڪورٽ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اين آر او عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ان موقعي تي پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه طرفان قسم نامو عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو.

اختر شاهه چيو ته پرويز مشرف جي پاڪستان ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي، پرويز مشرف ۾ 54 لک درهم جو فليٽ آهي، چڪ شهزاد ۾ 4 ڪروڙ 36 لک رپين جو فارم هائوس سندس گهرواري جي نالي تي آهي.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته پرويز مشڙف پاڪستان ڇو نه ٿو اچي، تڪليف جو بهانو بڻائي هٿان نڪري ويو آهي، پرويز مشڙف پرڏيهه ۾ وڃي ڊانس به ڪري ٿو، ٻڌايو وڃي ته پرويز مشرف پاڪستان ڪڏهن ايندو؟

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن پرويز مشرف هڪ برگيڊيئر سيڪيورٽي گهري ته اها به فراهم ڪنداسين، سيڪيورٽي جتان کان گهري فراهم ڪنداسين.

چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف پنهنجي پسند جي ڊاڪٽر کان علاج به ڪرائي سگهجي ٿو، پوءِ ڀلي سي ايم ايڇ يا ايف آءِ اي کان علاج ڪرائي.

چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف واپس اچڻ لاءِ جيڪي به انتظام چاهي ٿو ته اسان ڪنداسين ۽ سپريم ڪورٽ سندس حفاظت کي يقيني بڻائينداسي ۽ کائنس اثاثن کان به نه پڇنداسين.

چيف جسٽس وڪيل اختر شاهه کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي پرويز مشرف جي واپسي جو شيڊول ٻڌايو وڃي، جنهن تي اڳوڻي صدر جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف بزدل نه آهي، جيڪڏهن سندس ڏيهه اچڻ ۽ وڃڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي ته هو واپس اچي سگهي ٿو.

عدالت چڪ شهزا ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو فارم هائوس کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي. مشرف ڏيهه واپس اچي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي.

عدالت پرويز مشرف جي واپسي واري معاملي تي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*