عمران خان کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيو ڪري، سينيٽر زاهد خان

عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر زاهد خان چيو آهي ته جڊيشل ڪميشن ٺهيو ناهي رڳو ڪاغذي ڪارروائي تي تحريڪ انصاف پارليامينٽ واپس آئي آهي، آئين تحت پي ٽي آءِ جون استعيفائون منظور تصور ڪيون وڃن ها پر اسپيڪر جي رويي جمهوريت ۽ آئين جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي زاهد خان چيو ته هاڻ پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ايوان ۾ اجنبي تصور ڪيو ويندو.

هن چيو ته عمران خان وزير اعظم ۽ اسپيڪر کي جعلي چيو آهي تنهنڪري سندن ميمبرن کان استعيفائن بابت پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.

اي اين پي اڳواڻ چيو ته جيڪڏهن اسپيڪر  پي ٽي آءِ ميمبرن کان استعيفائن بابت پڇاڻو نه ڪيو ته اهو به هڪ ڏوهه هوندو.

هن چيو ته عمران خان کي خبر ئي ناهي ته هو ڇا پيو ڪري،جڏهن ته قوم هاڻ ڪوڙي سياست جو خاتمو چاهي ٿي.

زاهد خان چيو ته ٻڌايو وڃي ته جيڪي ماڻهو ڌرڻن ۾ مارجي ويا هاڻ انهن جو ڇا ٿيندو.؟

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*