سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائي جو طوفان برپا ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي

سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت مهانگائي جو طوفان برپا ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، لڳي ٿو اسد عمر جا فارمولا ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پيا اچن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته سياسي تربيت جي ڪا حد ناهي هوندي، جيتري محنت ٿيندي، اوترو ئي ماڻهو ۾ ڏاهپ ايندي آهي.

هن چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندڙن جو ماضي ۾ پيپلز پارٽي سان واسطو رهيو آهي، هو پارٽيون تبديل ڪرڻ جا ماهر آهن.

سعيد غني چيو ته نئين پاڪستان ۾ مهانگائي جو طوفان برپا آهي، گئس جون قيمتون وڌائي عوام تي ظلم ڪيو ويو آهي، لڳي ٿو ته اسد عمر وٽ ڪا جادو جي ڇڙي آهي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه ڏينهن اها ۾ ميڊيا کي به ڏيکاري.

سندس چوڻ هو ته اسد عمر چئي رهيو آهي ته پيٽرول مهانگو ٿي ويندو، پر مهانگائي گهٽجي ويندي، کاڌ جا اگهه وڌڻ سان به مهانگائي گهٽجي ويندي، لڳي ٿو پي ٽي آءِ حڪومت وٽ ڪي خاص قسم جا فارمولا آهن، جيڪي ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پيا اچن.

هن چيو ته حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ناڪام آهي، ڀارتي وزير اعظم ڪجهه چوندو آهي ۽ حڪومت هتي غلط بياني ڪري قوم کي گمراهه ڪندي آهي.

ٿر جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته ٿر پارڪر جي صورتحال تي تقريرون ڪندڙ ڪڏهن ٿر ويا ئي ناهن، اسان ڪڏهن به ٿر کي مسئلن کان آجو قرار ناهي ڏنو.

سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي بحران جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته پاڻي جون لائينون ڪير بند ڪندو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*