تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري  چيو آهي هتي ڄمندڙن کي شهريت جو حق آهي، اهو حق کانئن ڪوبه کسي نٿو سگهي

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري  چيو آهي هتي ڄمندڙن کي شهريت جو حق آهي، اهو حق کانئن ڪوبه کسي نٿو سگهي ، بهاري پاڪستاني آهن، انهن کي سندن حق ڏيڻا پوندا، اسان مهاجرن جي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ساجد خان طرفان مهاجنر بابت ڌيان ڇڪايو پيش ڪيو  ويو.

فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ جو عمل سست رفتاري سان هلڻ بابت ڌيان ڃڪايو نوٽيس  پيش ڪيو ويو.

اجلاس دوران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري  چيو هتي ڄمندڙن کي شهريت جو حق آهي، اهو حق کانئن ڪوبه کسي نٿو سگهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته، بهاري پاڪستاني آهن، انهن کي سندن حق ڏيڻا پوندا.

هن چيو ته، شڪر آهي ته پيپلزپارٽي کي ڪراچي جو سور جاڳيو آهي، اتي سندن حڪومت به رهي آهي، انهن افغانين جي ڊيٽا به گڏ نه ڪئي آهي.

شيرين مزالي چيو ته، توهان پاڻ يوٽرن وٺندا آهيو اسين نه، اسان مديني ري پبلڪ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو مقصد موجوده سعودي عرب ناهي.

هن چيو ته، اسين بحث لاءِ تيار آهيون، سياسي جماعتون تجويزون ڏين، جلد پرڏيهين جو ڊيٽا گڏ ڪنداسين.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته تنقيد ڪندڙن کي ڪراچي جو فڪر هجي ها ته ڪراچي جون حالتون بهتر هجن ها.

شيرين مزاري چيو ته افغانين کي شهريت بابت  وزيراعظم اهو اعلان تجويزن تي ڪيو هو، اڃان فيصلو ناهي ٿيو.

هن چيو ته ڪجهه قانوني پيچيدگيون آهن، قانون ۾ ڪجهه مونجهارا به آهن ، انهن کي ختم ڪرڻو پوندو.

شيرين مزاري چيو ته 51 جي رفيوجي ڪنوينشن تي پاڪستان صحيحون نه ڪيون هيون، او آءِ سي جي ڪنويشن ۾ رفيوجيز لاءِ گنجائش آهي.

هن چيو ته قرآن به مهاجرن کي سندن حق ڏئي ٿو، اسلامي روايتن جي پاسداري ڪرڻي پوندي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيوته مديني جي رياست جي اصولن کي به ڏسڻو پوندو، بهاري پاڪستان جا شهري آهن، کين بنگلاديش به تسليم نه ڪيو هو ………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*