پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نفيس شاهه چيو آهي ته حڪومت پناهگيرن جي معاملي تي يوٽرن تي يوٽرن وٺي رهي آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نفيس شاهه چيو آهي ته حڪومت پناهگيرن جي معاملي تي يوٽرن تي يوٽرن وٺي رهي آهي، ڇا دبئي ۽ سعودي عرب ۾ اسان جي ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي، هر ڳالهه مديني رياست سان جوڙي پئي وڃي. وزيراعظم کي ته ڪراچي جي اصل مسئلن جي به خبر نه آهي. اختر مينگل چيو ته جيڪڏهن پناهگيرن جو معاملو اهم آهي ته پوءِ ان تي بحث ڇو نه ٿو ڪرايو وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته تحريڪ انصاف يوٽرن تي يوٽرن وٺي رهي آهي.

هن چيو ته، اسان جي ملڪ ۾ سٽيزن شپ جو قانون واضع آهي، ڇا سعودي عرب ۽ دبئي ۾ اسان جي ماڻهن کي شهريت ڏني ويندي آهي؟

نفيسه شاهه چيو ته، توهان سعودي عرب پنڻ ويا، اتي وڃي انهيءَ معاملي تي ڳالهايو ها ته انهن کي شهريت ڏني وڃي.

پيپلزپارٽي جي ميمبر  چيو ته، حڪومت جي هن رويي تي حيرت آهي، پي ٽي آءِ پهرين ڪم ڪري پوءِ سوچي ٿي.

هن چيو ته شهريت هڪ اهم معاملو آهي ، ڇا  وزيراعظم کي ڪراچي جي حساسيت جو احساس آهي. پندرهن سال اتي سول وار رهي آهي.

نفيسه شاهه چيو ته وزيراعظم کي ڪراچي جي اصل مسئلن جي به خبر نه هوندي، هتي پاڻي سميت ٻيا به ڪيترائي مسئلا آهن.

اختر مينگل چيو ته اسان وٽ غير قانوني ترسيل ماڻهن جا انگ اکر به ناهن، جيڪڏهن ڪو هن ملڪ ۾ غيرقانوني پڪڙجي ويندو آهي ته مٿس رڳو پنج سئو ڏنڊ وڍو ويندو آهي.

اختر مينگل چيو ته، جيڪڏهن هي قومي سلامتي جو معاملو آهي ته پوءِ ڇو ان تي بحث نٿو ڪرايو وڃي؟

بلوچ اڳواڻ اختر مينگل چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڇا ملڪ کي عالمي يتيم خانو بڻائڻو آهي، هي انتهائي حساس معاملو آهي هن تي بحث ڪرايو وڃي.

سرحدي معاملن واري وزير علي محمد خان رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته فاٽا کي ڪي پي ۾ ضم ڪرڻ بعد اختيارن جي منتقلي وارو مرحلو جاري آهي، اتي جلد مڪاني چونڊون به ڪرايون وينديون.

سرحدي معاملن واري وزير  چيو ته، پوليس ۽ عدالتي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ ڊرافٽ تيار ٿئي رهيو آهي.

سرحدي معاملن واري وزير  چيو ته فاٽا ۾ صنعتن کي ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي.

حنا رباني کر چيو ته وزيراعظم هن وقت پي ٽي آءِ جو ليڊر نه پر هڪ رياست جو چيف ايگزيڪٽو آهي، سندس بيان رياست جا بيان سمجهيا ٿا وڃن.

حنا رباني کر  چيو ته، حڪومت غيرذميوارڻو مظاهرو ڪري افغان مهاجرن بابت بيان ڏنو. رياست جا سربراهه ڪڏهن به يوٽرن ناهن وٺندا.

حنا رباني کر چيو ته حڪومت کي افغان مهاجرن جي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺڻو پوندو، افغان مهاجرن جو مسئو سڄي پاڪستان جو مسئلو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*