پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه نيب جي ڪيسز کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته سادِي ڳالهه آهي

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه نيب جي ڪيسز کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته سادِي ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڳالهائينداسين ته پوءِ ڪيس ته کُلندا، موجوده حڪومت کي دعوت ڏيان ٿو ته منهنجي خلاف ڪيسز جي جاچ ڪري، اپوزيشن ليڊر رهي چڪو آهيان، منهنجي خلاف ڪيس آهي ته پارليامينٽ جاچ ڪري.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه نيب جي ڪيسز کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به شخص مٿس آڱر نه کنئي آهي، اهڙا ڪيسز ٺاهڻ افسوسناڪ آهي.

هن چيو ته ڳاهه سادي آهي ته جڏهن به ڪجهه ڳالهائينداسين ته ڪيسز کلي ويندا.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته موجوده حڪومت کي دعوت ڏيا ٿو ته منهنجي خلاف ڪيس جي جاچ ڪري. جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪا جاچ ڪرڻي آهي ته اها پارليامينٽ ڪري، ڇاڪان ته مان اپوزيشن ليڊر رهيو اهيان.

خورشيد شاهه چيوته مان ٽيهن سالن کان سياست ۾ آهيان، اپوزيشن ۽ وزارتون ڏٺيون آهن. دعويٰ سان چوان ٿو ته اربين رپيا مون سرڪار جا بچايا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*