سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي پارٽي جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا آهن

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جي پارٽي جيڪي واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا آهن، گذريل حڪومت مهانگا قرض کڻي رانديڪا خريد ڪيا، اڳوڻي وزيراعظم موٽرويز ۽ ايئرپورٽس جا ايئن اعلان ڪيا جيئن ڪو اسٽرپ سلز جون گوريون  ورهائيندو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي فواد چوڌري چيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني وٽ ڀارت ۾ غلام بڻائڻ واري مڪمل ايجنڊا هئي، ن ليگ به 2013 ۾ پاڪستان ۾ ساڳي ايجنڊا آندي هئي.

هن چيو ته، ن ليگ جي اڳوڻي حڪومت ۾ لاتعداد ارسطو موجود هئا، جيڪي پنج سالن تائين حڪومت ڪندا رهيا.

هن چيو ته پرڏيهي قرض 28 ٽريلين تي پهچي ويو، اڄ ڪجهه ماڻهو ارب پتي ٿي ويا آهن ۽ ايون فيلڊ ۾ رهن ٿا.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته اسحاق ڊار سڀ کان وڏو ڏوهاري آهي، وزيراعظم جي خصوصي جهاز ۾ جوابدار اسحاق ڊار لنڊن هليو ويو.

هن چيو ته، مهانگا قرض کڻي رانديڪا خريد ڪيا ويا، 33 گاڏيون سارڪ ڪانفرنس لاءِ 98 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪيون ويون، جنهن ڪم لاءِ گاڏيون خريد ڪيون ويون، اهو ڪم به نه ٿيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته، ميٽروز ٺاهيون ويون، هاڻ وري پنجاب حڪومت کي انهن بسن کي هلائڻ لاءِ 8 ارب رپيا سالياني گهرجن.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته گذريل پنج سالن دوران 11 ٽريلين رپيا شهباز شريف خرچ ڪيا.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته، ريڊيو پاڪستان ۾ ست سئو ماڻهو ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا پر پگهارون نه آهن، ڇا اسان کي ملڪ  اهڙي طريقي سان هلائڻو آهي، جيئن ماضي جون تجربي ڪار حڪومتون هلائينديون رهيون.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير  چيو ته ميثاق معيشت جي تجويز سٺي آهي پر اها تجويز ڏيندڙن جي طرفداري ختم ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي وزيراعظم موٽر وي ۽ ايئرپورٽس جو ايئن اعلان ڪيو جيئن اسٽرپ سلز جون گوريون ورهايون وينديون آهن.

فواد چوڌري چيو ته گذريل حڪومت جي هڪ سال ۽ اسان جي هڪ مهيني جي ڪارڪردگي سامهون رکنداسين ته سڀ معلوم ٿي ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*