خورشيد شاهه چيو آهي ته شهباز شريف سان ملاقات دوران بجيٽ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن

خورشيد شاهه چيو آهي ته شهباز شريف سان ملاقات دوران بجيٽ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن، چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي جي حوالي سان ڪميٽي جي نامزدگي تي به مشاورت ڪئي وئي.

اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ ٻين اڳواڻن مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي ۽ ڪميٽي بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ملاقات ۾ بجيٽ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن.

 هن چيو ته، چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي جي حوالي سان ڪميٽي جي نامزدگي تي به مشاورت ڪئي وئي آهي.

خورشيد شاهه  چيو ته، ملاقات دوران طئي ڪيو وي ته تجربيڪار ماڻهن کي ڪميٽي ۾ نامزد ڪيو ويندو.

هن چيو ته، ننڍي چونڊ جي حوالي سان به اپوزيشن ليڊر جي ڳالهه ٿي آهي، سياسي حڪمت عملي تحت اپوزيشن جو گڏجي ويهڻ سان فائدو ٿيندو آهي.

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته حڪومت سڀاڻي ڏهه وڳي ڌانڌلي ڪميٽي جي حوالي سان اجلاس گهرايو آهي.

 هن چيو ته، شروعات ۾ ئي وزير اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت جي دعويٰ ڪئي هئي، انهن کي اجلاس ۾ اچڻ گهرجي ها.

خورشيد شاهه  چيو ته پي اي سي چيئرمين اپوزيشن ليڊر هوندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*