وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل نيڪٽا جي پهرين اجلاس ۾ نيڪٽا اداري جي ڪردار ۽ ڪم ڪرڻ بابت جائزه ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل نيڪٽا جي پهرين اجلاس ۾ نيڪٽا اداري جي ڪردار ۽ ڪم ڪرڻ بابت جائزه ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف پاڪ فوج، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عام شهرين جون قربانيون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيڪٽا جي بورڊ گورنرز جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ چئني وڏن وزيرن ۽ ڊي جي آءِ ايس سميت سول ۽ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان جي 20 نڪتن جو جائزو ورتو ويو.

وزيراعظم نيڪٽا جي ڪردار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جيڪا هڪ هفتي اندر پنهنجيون سفارشون وزيراعظم  کي پيش ڪندي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف ڊگهي عرصي کان جنگ واري حالت ۾ آهي.

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ شهرين جانين جا نذرانا پيش ڪيا.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ انٽيليجنس ادارن جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن، سيڪيورٽي ادارن جي ڪري ئي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال قائم ٿي آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته نيڪٽا بورڊ آف گورنرز جو اجلاس ان کان اڳ ڪڏهن به نه ٿيو آهي، گذريل حڪومت جي ڌيان نه ڏيڻ سبب نيڪٽا غير فعال رهيو، نيڪٽا کي اثرائتو ادارو بڻائڻ ضروري آهي. ……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*