ايف آءِ اي جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ سزا يافته شعيب شيخ جي ويجهي ساٿي نائيجل کي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو

ايف آءِ اي جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ سزا يافته شعيب شيخ جي ويجهي ساٿي نائيجل کي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو. ايئرپورٽ عملدارن موجب، نائيجل ايف آءِ اي کي گهربل هو، کيس انساني اسمگلنگ جي خاتمي واري سيل حوالي ڪيو ويو آهي………

ايف آءِ اي جعلي ڊگري اسڪينڊل ۾ سزا يافته شعيب شيخ جي ويجهي ساٿي نائيجل کي نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو.

ايئرپورٽ عملدارن موجب، شعيب شيخ جو ساٿي نائيجل برين خانگي ايئرلائن جي اڏام ذريعي قطر فرار ٿي ويو هو.

ايئرپورٽ عملدارن ذريعن موجب، اميگريشن دوران جوابدار جو پاسپورٽ بليڪ لسٽ ۾  هئڻ جو انڪشاف ٿيو، جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو.

ايئرپورٽ ذريعن موجب، نائيجل ايف آءِ اي کي گهربل هو. اميگريشن عملي مسافر کي انساني اسمگلنگ جي خاتمي واري سيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ايئرپورٽ عملدارن موجب، شعيب شيخ جو ساٿي ايگزيٽ ڪيس ۾ به ايف آءِ اي کي گهربل هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*