اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ترسيل پرڏيهين کي شهريت جو فيصلو اسيمبلي ۾ ٿيڻ گهرجي

اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ترسيل پرڏيهين کي شهريت جو فيصلو اسيمبلي ۾ ٿيڻ گهرجي، حڪومت مني بجيٽ ۾ نان فائلرز کي ڇوٽ ڏني آهي، مافيا کي ڇوٽ نه ملڻ گهرجي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ پيشي دوران صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڊاڪٽر عاصم چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن کي رليف ملڻ گهرجي.

هن چيو ته حڪومت مني بجيٽ ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ڪرپٽ مافيا کي ڇوٽ نه ملڻ گهرجي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عاصم چيو ته اڃا تائين نئون پاڪستان نظر نه ٿو اچي، ٿي سگهي ٿو ڪجهه وقت کانپوءِ نئون پاڪستان نظر اچي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*