سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گئس، تيل ۽ ٻين صنعتي ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي ملازمت ڏيڻ ۽ ترقياتي فنڊز جي استعمال بابت ڪيس ۾ سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز جون رپورٽس رد ڪندي 2 آڪٽوبر تي سنڌ جي 18 ڊي سيز کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گئس، تيل ۽ ٻين صنعتي ڪمپنين پاران مقامي ماڻهن کي ملازمت ڏيڻ ۽ ترقياتي فنڊز جي استعمال بابت ڪيس ۾ سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز جون رپورٽس رد ڪندي 2 آڪٽوبر تي سنڌ جي 18 ڊي سيز کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪروٽ جي ڊويزنل بئنچ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گئس، تيل ۽ ٻين ڪمپنين پاران علائقي جي ترقي لاءِ فنڊز ۽ ان جي استعمال بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دروان گهوٽڪي ۽ سکر سميت 18 ڊي سيز پيش ٿيا، جڏهن ته سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز  رپورٽس جمع ڪرايون.

عدالت سکر  ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز جون رپورٽس رد ڪندي پيش ڪيل رپورٽن کي رد ڪندي 2 آڪٽوبر تي سنڌ جي 18 ڊي سيز کي 2013ع کان هن وقت تائين ڏنل فنڊز ۽ انهن جي استعمال بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڄاڻايل ڪمپنين ۾ مقامي ماڻهن کي ملازمتون ڏيڻ بابت به تفصيل طلب ڪري ورتا.

چيف جسٽس ڊي سيز کان پڇاڻو ڪيو ته ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو سربراهه ڪير آهي؟، جنهن تي ڊي سي گهوٽڪي چيو ته 2013ع ۾ ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو سربراهه علي گوهر مهر هو ۽ هاڻي خالد لنڊ آهي.

ڊي سي سکر چيو ته ضلعي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو سربراهه خورشيد شاهه آهي ، جنهن تي خورشيد شاهه سميت سمورن ڪميٽي جي سربراهن کي گهرايو وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڊي سيز کي پنهنجن ضلعن ۾ تيل گئس ۽ ٻين صنعتن پاران علائقي جي ترقي لاءِ ڏنل فنڊز ۽ انهن جي استعمال بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*