لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف

لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف سميت ٻين اڳوڻن وزيرن جي طلبي بابت عوامي تحريڪ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت اڳوڻي آءِ جي مشتاق سکيرا  کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس قاسم خان جي سربراهي ۾ 3 رڪني فل بينچ نوازشريف،  شهباز شريف ۽ اڳوڻن وزيرن  بابت عوامي تحريڪ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

لاهور هاءِ ڪورٽ مختصر فيصلو ٻڌائيندي نوازشريف، شهبازشريف، خواجا سعد رفيق، پرويز رشيد، خواجا آصف، توقير شاهه اعظم سلمان ۽ ٻين کي بي قصور قرار ڏئي ڏئي ڇڏيو.

عدالت عوامي تحريڪ جي درخواست سان گڏ اڳوڻي آءِ جي مشتاق سکيرا جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ مشتاق سکيرا کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*