ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ۾ اربين رپين جي مبينا فراڊ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي مرتضي کي دبئي مان گرفتار  ڪيو ويو

 

ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ۾ اربين رپين جي مبينا فراڊ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي مرتضي کي دبئي مان گرفتار  ڪيو ويو، وزيراعظم ڪيس ۾ بابت 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي، فواد چوڌري چيو آهي ته مرتضيٰ کي ايف آءِ اي جي درخواست تي گرفتار ڪيو ويو آهي، هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ اڳڀرائي بابت اگاهه ڪندا رهنداسين، افتخار چوڌري جو پٽ ارسلان ۽ ڌيءُ به ڪيس ۾ نامزد آهن.

ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ۾ اربين رپين جي مبينا فراڊ بابت ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ناٺي مرتضي کي دبئي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ايڊن هائوسنگ سوسائيٽي ۾ فراڊ جي نتيجي ۾ 2 سئو کان 3 سئو ماڻهو متاثر ٿيا هئا، جن جي سڄي زندگي جو سرمايو ٻڏي ويو هو.

هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري حيراڪندڙ فيصلو ڪيو ۽ ايڊن هائوسنگ سوسائٽي بابت ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آڻي پنهنجي مائٽ کي رليف فراهم ڪيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ڪيس ۾ وڏو بريڪ ٿرو ٿيو  آهي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس جي ناٺي مرتضيٰ کي ايف آءِ اي دبئي مان گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته هن ڪيس ۾ افتخار چوڌري جو پٽ ارسلان افتخار ۽ سندس ڌيءُ به نامزد آهي.

فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم عمران خان 24 ڪلا ڪن اندر حتمي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*