بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل چيو  آهي ته جيڪڏهن جمهوريت لوڏا کائي رهي آهي ته ان جا ذميوار به سياستدان آهن

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل چيو  آهي ته جيڪڏهن جمهوريت لوڏا کائي رهي آهي ته ان جا ذميوار به سياستدان آهن، رٽائرڊ جج، جنرل بيورو ڪريسي جي ملڪيتن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن، اسان اکيون بند ڪري سمورا معاملا چين جي حوالي ڪري رهيا آهيون.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي اختر مينگل چيو  ته جيڪڏهن جمهوريت لوڏا کائي رهي آهي ته ان جا ذميوار به سياستدان آهن.

  هن چيو ته، جج جنرل هڪ ٻئي خلاف نه ٿا وڙهن، اسين هڪ ٻئي خلاف ثبوت ٿا آڻيون، رٽائرڊ جج، جنرل بيورو ڪريسي جي ملڪيتن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه چيو ته، اسان اکيون بند ڪري سمورا معاملا چين جي حوالي ڪري رهيا آهيون.

 هن چيو ته، مني بجيٽ پيش ڪرڻ وقت پي ايس ڊي پي جون ڪاپيون ميمبرن کي ملڻ گهرجن ها، هر ڀيري جيان هن ڀيري به مني بجيٽ جي حق ۾ دليل ڏنا ويا پر حقيقت ۾ ان جو بار عوام تي پئي ٿو.

اختر مينگل چيو ته، گئس ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ جو اثر عوام تي ئي پوڻو آهي.

 هن چيو ته، ورلڊ بينڪ، آءِ ايم ايف جي اثر هيٺ پاليسيون ٺهن ٿيون ، ڪشڪول ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي، ان جو انحصار به پاليسين تي هجي ٿو.

اختر مينگل  چيو ته، بلوچستان به ملڪ جو حصو آهي، اضافي بجلي بلوچستان کي ڇو نٿي ڏني وڃي.

هن چيو ته، اسان جي گهرج 18 سئو ميگاواٽ آهي پر رڳو ڇھه سئو ميگاواٽ بجلي ڏني ٿي وڃي.

اختر مينگل  چيو ته، سي پيڪ ۾ بلوچستان کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي.

 هن چيو ته، اسين بنگالين برمين ۽ افغانين لاءِ  روئي رهيا هئاسين هاڻ لڳي ٿو ته اسان کي ڪجهه  عرصي بعد چين جي ماڻهن کي آباد ڪري روئينداسين.

بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه چيو ته بلوچستان ۾ ٽي چار سال جا ٻار ڪينسر ۾ مبتلا پيا ٿين.

اختر مينگل   چيو ته فوري طور تي ڪينسر اسپتالون ٺاهيون وڃن ، هتي ته رڳو تيز رفتاري سان ڇانوڻيون پيون ٺهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*