پيپلزپارٽي چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي تي اعتراض اٿاري ڇڏيا

پيپلزپارٽي چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي تي اعتراض اٿاري ڇڏيا، مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته هي ڪهڙي ڪميٽي آهي جو ڌانڌلي جا الزام به حڪومت وٽ آهن ۽ ڪميٽي جي سربراهي به حڪومت ڪري رهي آهي، اپوزيشن جنهن ڪميٽي جو مطالبو ڪيو آهي، اهو ڪميٽي جوڙي وڃي.

پيپلزپارٽي چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي بابت جوڙيل پارلياماني ڪميٽي تي اعتراض اٿاري ڇڏيا آهن.

مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته اپوزيشن جو مطالبو پارلياماني ڪميشن هو، حڪومت هائوس ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ سينيٽ جا ميمبر شامل نه آهن، ان کي ڪيئن پارلياماني ڪميٽي چئي سگهجي ٿو.

 هن چيو ته، ڌانڌلي جي جاچ لاءِ ٻنهي ايوانن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي وڃي، پرڏيهي وزير جو ڪميٽي جي جوڙجڪ وقت بيان سينيٽ جي توهين جي برابر آهي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته، تحريڪ انصاف جي حڪومت جو به ايوان ڏانهن ساڳيو ئي رويو نظر اچي رهيو آهي.

هن چيو ته،  سينيٽ پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن جي نمائنده آهي، جيڪا ايوان ۽ وفاق جي علامت آهي، ان کي ڪيئن نظرانداز ڪري سگهجي ٿو.

پيپلزپارٽي جي ترجمان چيو ته تحريڪ انصاف جيڪو رستو اختيار ڪيو آهي، اهو جمهوريت جي خدمت نه آهي، ان سان جمهوريت کي نقصان ٿيندو.

هن چيو ته هي ڪهڙي ڪميٽي آهي، ڌانڌلي جا الزام به حڪومت تي ۽ڪميٽي جي سربراهي به حڪومت وٽ آهي.

مولا بخش چانڊيي چيو ته اپوزيشن جنهن ڪميشن جو مطالبو ڪيو آهي، اها ڪميشن جوڙي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*