لاهور ۽ ساهيوال سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس جي ٻن قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو

لاهور ۽ ساهيوال سينٽرل جيل ۾ قتل ڪيس جي ٻن قيدين طيب عرف غلام نبي ۽ جعفر عرف ڪالي کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو.

لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ جوابدار طيب عرف غلام نبي کي ڦاهي ڏني وئي، جيڪو 2000ع دوران ابرار نالي هڪ شخص جي قتل ۾ ملوث هو.

ساهيوال سينٽرل جيل ۾ پڻ ٻٽي قتل ڪيس ۾ جوابدار جعفر عرف ڪالي کي ڦاهيءَ تي ٽنگيو ويو.

جوبدار جعفر 1997ع دوران فائرنگ ڪري هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

ٻنهي جوابدارن کي ڦاهي ڏيڻ کان اڳ سندن وارثن سان ملاقات ڪرائي طبي معائنو ڪيو ويو، جڏهن ته ڦاهي وقت جيلن ٻاهران سڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

ٻنهي جوابدارن جا لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي پنهنجي گهرن ڏانهن کڻائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*