پيپلزپارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو فواد چوڌري جي بيان جي مذمت ڪندي چيو  آهي ته سنڌ کي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ ۽ پاڻي جي کوٽ تي خدشا آهن

پيپلزپارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو فواد چوڌري جي بيان جي مذمت ڪندي چيو  آهي ته سنڌ کي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ ۽ پاڻي جي کوٽ تي خدشا آهن. وزارتن جي بورڊز ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي به نظراندازڪيو پيو وڃي.

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران فواد چوڌري جي بيان جي مذمت ڪئي وئي.

سينيٽ چيئرمين چيو ته فواد چوڌري ايوان ۾ اچي معافي گهرندو.

سينيٽر سسئي پليجو چيو ته هو فواد چوڌري جي بيان جي مذمت ڪن ٿا.

هن چيو ته وزارتن جي بورڊز ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي نظراندازڪيو پيو وڃي.

سسئي پليجو چيو ته، آئيني معاملن ۾ به سنڌ ۽ بلوچستان کي نظر انداز پيو ڪيو وڃي.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر چيو ته، پاڻي جي کوٽ واري معاملي تي سنڌ جو احتجاج هلي رهيو آهي.

سسئي پليجو چيو ته، افغان مهاجرن جي نيشنلٽي تي به سنڌ کي خدشا آهن، اسان اهڙا فيصلا ٿيڻ نه ڏينداسين……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*