حڪومت پاران سپريم ڪورٽ کان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت وڌيڪ مهلت لاءِ اڄ درخواست ڏيڻ جو امڪان

سپريم ڪورٽ پاران مستقل چيف اليڪشن ڪميشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڏنل مهلت اڄ ختم ٿي رهي آهي، عدالتي حڪمن باوجود مقرري ناهي ٿي سگهي، حڪومت پاران وڌيڪ مهلت لاءِ اڄ درخواست ڏيڻ جو امڪان آهي.

چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

سپريم ڪورٽ گذريل ٻڌڻيءَ دوران حڪومت کي 13 نومبر تائين نئين چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا هئا ته جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر نه ڪيو ويو ته عدالت پنهنجي جج جون خدمتون واپس وٺي سگهي ٿي.

وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ٿيندڙ مشاورت ۾ ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ اڄ قائم مقامي چيف اليڪشن ڪمشنر جون خدمتون واپس وٺي سگهي ٿي، جڏهن ته حڪومت پاران مقرري بابت مهلت ڏيڻ لاءِ اڄ درخواست ڏيڻ جو امڪان پڻ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*