حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي عريش جو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي

حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي عريش جو معاملو اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي،  پوليس کوکلين دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي.

2 ڏينهن اڳ  لطيف آباد 10 نمبر واري علائقي مان ٻارڙي عريش آفتاب جو بيگ ۾ بند ٿيل لاش مليو.

پوليس واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج ملڻ باوجود نينگري جي قاتلن جو  پتو لڳائڻ  ۾مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي.

پوليس عريش جي ڏاڏي ۽ ڏاڏي کي حراست ۾ وٺڻ بعد ڇڏي ڏنو، پر  اهو پتو نه لڳائي سگهي آهي ته عريش کي اغوا بعد قتل ڪرڻ جا ڪارڻ ڪهڙا هئا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جا ڪپڙا ۽  ٻيون شيون فارينزڪ ٽيسٽ لاءِ ڄامشورو ليبارٽري اماڻيا ويا آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هوڏانهن عريش جا وارث پوليس  جي دلاسن مان مايوس ٿي لڙڪ لاڙڻ تي مجبور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*