ڏڪار سٽيل ٿر ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماري وگهي فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوت ٿيل ٻارڙن جو هلندڙ مهيني دوران انگ وڌي 48 ٿي ويو آهي

ڏڪار سٽيل ٿر ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماري وگهي فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوت ٿيل ٻارڙن جو هلندڙ مهيني دوران انگ وڌي 48 ٿي ويو آهي.

 سنڌ حڪومت پاران ٿر ۾ صحت جون بهتر سهولتون فراهم نه ڪرڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو نه رڪجي سگهيو آهي.

 اڄ مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪيل وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا خوراڪ جي کوٽ ۽ بيماري وگهي فوت ٿي ويا آهن.

 ڳوٺ سانيان سر جي رهواسي نظرمحمد جو 2 مهينن جو پٽ ۽ ڳوٺ هريار جي رهواسي نهال ڀيل جي هڪ مهيني جي معصوم نياڻي فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا مرضن ۾ ورتل آهن.

 ياد رهي ته فوت ٿيل ٻارن جو هلندڙ مهيني دوران انگ وڌي 48 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 482 ٻارڙا گذريل 9 مهينن دوران فوت ٿي ويا آهن.

ٿر جي  رهواسين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي صحرائي علائقي جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا وڃن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*