ڪراچي جَي علائقي  لائنز ايريا ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ جي ڪري ٻارڙي  جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

ڪراچي جَي علائقي  لائنز ايريا ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ جي ڪري ٻارڙي  جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڊاڪٽر سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

گذريل رات رات دير سان ڊاڪٽر ڪلينڪ ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ جي ڪري 3 سالن جو عبدالرحمان فوت ٿيو هو.

فوتي نينگر جي وارثن ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪندي ڪلينڪ جو گهيراءُ ڪري ڊاڪٽر ۽ ڪمائونڊر خلاف ڪيس داخل ڪريو .

پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ۽ ڪمپائونڊر کي گرفتار ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*