اندونيشيا ۾ آيل زلزلي ۽ سونامي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

اندونيشيا ۾ آيل زلزلي ۽ سونامي جي نتيجي ۾ 48 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

انڊونيشيا جي سولاويسي ٻيٽ ۾ طاقتور زلزلي بعد سونامي تباهي مچائي ڇڏي آهي.

گذريل ڏينهن آيل زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.5 ريڪارڊ ڪئي وئي ۽ زلزلي جي نتيجي ۾ ايندڙ سونامي جي 2 ميٽر لهرن ساحلي شهر پالو ۾ تباهي مچائي ڇڏي.

 علائقي ۾ امدادي ڪارراويون شروع ڪيون ويون آهن، مواصلات جو نظام متاثر ٿيڻ سبب ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

امريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلو جمعي جي شام ڇهين وڳي آيو ۽ ان جي گَهرائي 10 ڪلوميٽر ريڪارڊ ڪئي وئي.

 ياد رهي ته زلزلي جي نتيجي ۾ سونامي جي وارننگ جاري ڪئي وئي هئي، پر 1 ڪلاڪ کان پوءِ واپس ورتي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ زلزلي ۽ سونامي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 48 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته هن وقت تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي ته اهي فوتگيون زلزلي جو نتيجو آهن يا سونامي سبب ٿيون آهن.

 ياد رهي ته انڊونيشيا جي سياحتي ٻيٽ لومبوڪ ۾گذريل مهيني دوران آيل زلزلي جي نتيجي ۾ 460 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*