ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، قتل ڪيس ۾ ڏوهه  ثابت ٿيڻ تي مٺي جي اڳوڻي سيشن جج ۽ سندس ساٿي کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، قتل ڪيس ۾ ڏوهه  ثابت ٿيڻ تي مٺي جي اڳوڻي سيشن جج ۽ سندس ساٿي کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سيشن جج جيڪب آباد خالد شاهاڻي جَي پٽ عاقب شاهاڻي جي قتل  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دروان حيدرآباد پوليس مٺي جي اڳوڻي سيشن جج  سڪندر لاشاري ۽ عرفان بنگالي کي پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته قتل ڪيس ۾ 22 کان وڌيڪ شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن.

پوليس عملدارن موجب،  19 فيبروري 2014ع تي ڄامشورو ۾ اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاري ساٿي سان گڏجي سيشن عاقب شاهاڻي کي قتل ڪيو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت،  سڪندر لاشاري ۽ عرفان بنگالي کي ڏوهي قرار ڏيندي کين موت جي سزا ٻڌائي.

عدالت ڪيس ۾ نامزد  عباس سيال، برڪت لاشاري سميت 4 جوابدارن کي روپوش قرار ڏيندي کين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته سيشن جج تي قتل جو الزام لڳڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سڪندر لاشاري کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، ڪيس جو  چئن سالن تائين ٽرائل جاري رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*