اسلام آباد ۾ گٽر جي ڍڪ تي هڪ سِڱَي جانور ۽ رسمُ الخط وارِي مهر لڳائَي موهن جو دڙو جِي تهذيب سان هٿ چراند ڪئي وئي

اسلام آباد ۾ گٽر جي ڍڪ تي هڪ سِڱَي جانور ۽ رسمُ الخط وارِي مهر لڳائَي موهن جو دڙو جِي تهذيب سان هٿ چراند ڪئي وئي، سي ڊي اَي ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ شروع ڪئي وئي آهي ته اهڙون مهرون ڇو ۽ ڪنهن جي هدايت تي لڳايون ويون، لڳي ٿو ته واٽر ڊپارٽمينٽ وارن اها مُهر لڳرائي آهي، قديم آثارن جي ماهرن چيو آهي ته سي ڊي اَي جي اهڙي ڪريل حرڪت کي برداشت نه ڪئي ويندي.

ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي طرفان اسلام آباد ۾ وفاقي وزارتن جِي آفيسن لاءِ قائم ڪيل پاڪ سيڪريٽريٽ ۾ گٽر جَي ڍڪن تي هڪ سِڱَي جانور ۽ رسمُ الخط وارِي مهر لڳائي وئي.

5 هزار سال پراڻي تهذيب جي نشانين کي گٽرن تي لڳائَي اُن جِي تذليل ڪئي وئي آهي، سنڌ جي عوام سوشل ميڊيا سميت مختلف فورمز تي سي ڊي اي جي اهڙي ڪريل حرڪت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

قديم آثار جي ماهرن سميت سنڌ جي عوام وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته سي ڊي اي جي ڪريل حرڪت جو سختي سان نوٽيس وٺي ڄاڻايل نشانن وارا ڍڪ فوري طور تي هٽرايا وڃن ۽ واڳيل اختيارين خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.

سي ڊي اي ترجمان علي فرمان شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ثقافتي نشانن وارا ڍڪ ڪافي اڳ جا آهن، لڳي ٿو ته اهي ڍڪ واٽر ڊپارٽمينٽ وارن لڳرايا هئا ۽ اهي ڍڪ گندي پاڻي نه، پر صاف پاڻي جَي هولز  تي لڳل آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته معاملي تي لاڳاپيل اختيارين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ته ثقافتي نشانن ڍڪن تي ڇو ۽ ڪنهن جي هدايت تي لڳايا ويا آهن، سومر تائين جواب ملڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*