شھدادڪوٽ ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن اندر منشيات جي وڪري خلاف شهرين ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

شھدادڪوٽ ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حدن اندر منشيات جي وڪري خلاف شهرين ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

 مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ھٿن ۾بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي ڪوٽوموٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي حبدار ميرجت، وھاب پندراڻي، وحيد ڀٽي،مولانا محمد جان ۽ٻين شهرين چيو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ منشيات جا اڏا هلي رهيا آهن،پوليس بند ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي.

ھنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته شهر ۾ سماجي برايون بند ڪرائي ايس ايڇ او قمر الدين تنيو کي ھٽايو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*