ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق جي گهر واري روسما منصور تي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي

 ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم نجيب رزاق جي گهر واري روسما منصور تي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تي مني لانڊرنگ سُوڌو 17 الزام آهن.

ڪرپشن اسڪينڊل ۾ روسما منصور سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت ۾ پيش ٿي، ان موقعي تي عدالت ٻڌڻي دوران سندس خلاف قومي خزاني کي اربين ڊالر  نقصان پهچائڻ جو فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اڳوڻي خاتون اول ڏوهه قبولڻ کان انڪار ڪيو آهي.

 روسما منصور تي اينٽي ڪرپشن ڪميشن مني لانڊرنگ سميت ٻيا 17 الزام لاڳو ڪيا آهن.

ياد رهي ته اينٽي ڪرپشن ڪميشن روسما منصور کي گذريل ڏينهن حراست ۾ ورتو هو، جنهن کي هڪ رات جيل ۾ گذارڻي پئي هئي، جڏهن ته عدالت 2 ملين رنگٽ عيوض سندس ضمانت منطور ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*