سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ صحت جو عالمي ڏهاڙو اڄ ملهايو پيو وڃي

world health day

سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ صحت جو عالمي ڏهاڙو صحت بخش غذا بابت جاڳرتا جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ٻه سئو کان وڌيڪ بيماريون رڳو صاف ۽ محفوظ کاڌو نه کائڻ سبب ٿين ٿيون.

صحت بابت جاڳرتا پکيڙڻ لاءِ صحت کاتي ۽ سماجي تنظيمن  طرفان جاڳرتا ريليون ڪڍيون پيون وڃن.

ڊبليو ايڇ او طرفان جاري ڪيل انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته لڳ ڀڳ ٻه سئو بيماريون رڳو صاف ۽ محفوظ کاڌو نه کائڻ سبب ٿينديون آهن.

ڊبليو ايڇ او موجب، پوري دنيا ۾ هر سال اٽڪل 20  لک ماڻهو غير معياري کاڌو کائڻ ۽ گدلو پاڻي پيئڻ سبب فوت ٿي وڃن ٿا.

ڊبليو ايڇ او جو چوڻ آهي ته هن سال صحت جي عالمي ڏينهن کي صاف کاڌي سان منسوب ڪيو ويو آهي.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا جا لکين انسان بيڪٽريا، ڪيميڪل ۽ جراثيمن وارو کاڌو کائڻ تي مجبور آهن.

ماهرن موجب، خراب کاڌو کائڻ سبب مختلف بيماريون ڦهلجي رهيون آهن جڏهن ته خراب ۽ بيڪٽريا وارو کاڌو کائڻ سبب ڊائريا کان وٺي ڪينسر جهڙيون بيماريون ٿين ٿيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ کاڌ خوراڪ جي حوالي ان انتهائي بدتر حالت آهي عوام کي انتهائي غير معياري شيون ملي رهيون آهن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ مرچن، لوڻ، تيل، اٽي، گيهه تيل ۽ ٻين شين ۾ ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي.

ڊاڪٽرن موجب، حالت اهڙي ٿي وئي آهي جو هاڻ شربت به صحيح نه ٿا ملن جنهن ڪري ماڻهو موذي مرضن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

صحت جي ماهر جو چوڻ آهي ته عالمي ڏهاڙي تي عوام کي کاڌ خوراڪ بابت ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن موذي مرضن کان بچي سگهجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*