سنڌ هاءِ ڪورٽ نائين زيرو تان گرفتار 60 جوابدارن سان ملاقات نه ڪرائڻ بابت درخواست تي رينجرز کي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نائين زيرو تان گرفتار 60 جوابدارن سان ملاقات نه ڪرائڻ بابت درخواست تي رينجرز جي جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏئي تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس نظر اڪبر تي ٻڌل بئنچ نائين زيرو تان گرفتار 60 جوابدارن جي وارثن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نائين زيرو تان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان ملاقات نٿي ڪرائي وڃي.

ٻڌڻي دوران رينجرز پاران جواب داخل ڪرايو ويو، جنهن کي عدالت غير تسلي بخش قرار ڏيندي 15 اپريل تائين تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته گرفتار 60 جوابدارن مان 27 ڄڻا رمانڊ تي آهن جن خلاف ڪيس به داخل ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*